اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم فڪر نه ڪري پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، اي گور??نس جو بهترين نظام آڻي رهيا آه??ون?? ڊيجيٽل پاڪستان منصوبي کي ڪامياب بڻائينداسين، ان سان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو، ماضي ۾ پئسن جي لاءِ ٻين جون جنگيون وڙهيون و??ون?? اڄ جو پاڪست??ن امن جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امت کي متحد ڪنداسين. هو ڊيجيٽل ويزن پاڪستان جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.