اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين پاران داخل ڪيل شڪايتن لاءِ جوڙيل طريقيڪار موجب نه اڪلائڻ يا حل ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺندي سمورين وزارتن کي هدايت ڪئي آ??ي ته لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس پاران سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن کي لکيل خط موجب ڪجهه آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزي کانپوء?? ان ڳالهه جو انڪشاف ٿي?? آهي ته شڪايتن کي ن?? ئي جوڙيل طريقيڪار موجب اڪلايو ويو ۽ ن?? ئي مناسب سطح تي انهن جي ازالي لاءِ ڪو فيصلو ڪيو ويو.