اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ??حمد نواز شريف کي طبي بنيادن تي ض??ان?? ۽ سزا معطلي جي عدالتي فيصلي کي حڪومت تسليم ڪري ٿي، اڃا تائين نواز شريف پاران ٻاهرئين ملڪ علاج جي درخواست ناهي ??ئي. ميڊيا بريفنگ دوران مختلف سوالن جي جواب ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ??يان محمد نواز شريف جي 8 هفتن جي لاءِ طبي بنيادن تي ض??ان?? منظور ۽ سزا معطل ٿي وئي آهي، پنجاب جو وڏو وزير ۽ نيب جا عملدار پڻ عدالت ۾ موجود هئا، اهو مسلسل هڪ عمل هلي رهيو هو.