اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي متحد?? عرب امارات جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان، عوام ۽ متحد?? عرب امارات جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر متحد?? عرب امارات جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستاني عوام کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست هو. هن چيو ته متحد?? عرب امارات جي اڳوڻي صدر جي وفات ٻنهي ملڪن جي لاءِ وڏو نقصان آهي ۽ هو پاڪستاني قوم جي ??ذب?? جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان متحد?? عرب امارات جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ??ک ۾ برابر جو شريڪ آهي، مرحوم شيخ خليفه بن زايد النهيان جي پاڪستان لاءِ خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي صدر عارف علوي چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ متحد?? عرب امارات جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، ان موقعي تي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، متحد?? عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي تعزيتي دوري تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ متحد?? عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، هن متحد?? عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ??ردار کي به ساراهيو.