لاهور – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ معاشي مشڪلاتن جي م??ثر تدارڪ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن اها ??دا??ت ناڻي واري وزير مفتاح ا??ما??يل خان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ??لا??ات ڪئي. ان موقعي تي حبيب بئنڪ جو صدر محمد اورنگزيب، پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف درپيش معاشي مشڪلاتن کي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ م??ثر طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم بئنڪاري نظام کي عام ماڻهو جي معاشي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ آسان بڻائڻ تي زور ڏنو.