راولپنڊي-12 اپريل (اي پي پي) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 79هين فارميشن ڪمانڊورز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي ??يشوراڻي معاملن، قومي سلامتي جي درپيش چ??لي??جز ۽ روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي ??ُنهن ڏين لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف اُڀرندڙ چ??لي??جز کي ??ُنهن ڏين لاءِ فارميشنز جي آپريشنل تيارين ۽ ردعمل جي طريقيڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم سرحدن جي حفاظت ۽ عوام جي حفاظت کي ??قيني بنائڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن جي عظيم قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. فورم ڪجهه حلقن طرفان پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ ۽ اداري ۽ معاشري وچ ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي تازي پروپيگنڊا مهم جو نوٽيس ورتو ۽ قرار ڏنو ته پاڪستان جي قومي سلامتي مقدم آهي، پاڪ فوج ان جي حفاظت لاءِ ڪنهن به سمجهوتي کانسواءِ هميشه رياستي ادارن سان گڏ بيٺل رهي آهي ?? رهندي. فارميشن ڪمانڊرز آئين ۽ قانون جي حڪمراني کي ??ر قيمت تي برقرار رکڻ جي عسڪري قيادت جي فيصلن تي ڀرپور ۽ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي ?? هر طرح جي حالتن ۾ سڀني اندروني ۽ ٻاهرين خطرن خلاف پاڪستان جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياريءَ جو دفاع جاري رکندي.