اسلام آباد-24 مارچ (اي پي پي) ترڪي جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل يا??ر گلر نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ج?? دؤرو ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد ??مجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻه طرفي بحري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. معزز مهمان خطي ۾ بحري استحڪام کي يقيني بنائڻ لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراهيو. ترجمان پاڪ بحريه مطابق ترڪي جي چيف آف جنرل اسٽاف جي دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.