اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ هائوس کي نئون ڇانگامانگا بڻائيندا ته عوام جي نفرت کي منهن ڏيڻو پو??دو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته جيئن ئي واقعي جو پتو ??يو پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر ڪارڪنن کي تحمل ۽ بردباري جو درس ڏيندي سنڌ هائوس خالي ڪرڻ جو چيو، هن چيو ته پر اهو سچ آهي ته عوام جي جذبن سان کيڏڻ بند ڪريو ۽ عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪريو.