اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئُون موسم خراب هجڻ جي ڪري ??رم ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٿيندڙ جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس، آئُون جلد موقعو ملڻ تي ??رم جو دورو ڪندس. ??رم ۾ عام جلسي ۾ موسم جي خرابي سبب دورو ملتوي ڪرڻ کانپوءِ جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چ??و ته آئُون ??رم جي ماڻهن کان معذرت چاهيان ٿو، آئُون هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿي چڪو هئس پر اسان جي پائليٽ ٻڌا??و ته موسم اهڙي آهي جو هيلي ڪاپٽر اتي وڃي نٿو سگهي، جابلو علائقو آهي ۽ تيز هوا به هلي رهي آهي، ان لاءِ هيلي ڪاپٽر نٿو وڃي سگهي، ان لاءِ آئون توهان کان معذرت خواه آهيان ته آئون جلسي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس پر آئون توهان کي چوڻ چاهيان ٿو ته توهان کي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻي آهي، مون کي جڏهن به موقعو مل??و ته آئون توهان وٽ ايندس ۽ توهان سان ڳالهي??ن ڪندس.