اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دنيا کي انساني بحران جي ويجهو پهتل 40 ملين افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو جڏهن ته بل گيٽس چيو آهي ته پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جو عزم مثالي آهي، پوليو جو خاتمو آڻي پاڪستان تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکي سگهي ٿو. وزيراعظم عمران خان جي خصوصي دعوت تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ باني بل گيٽس پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فو??س جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ بل گيٽس ۽ وزيراعظم عمران خان جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم پاڪستان جي پهرين دوري ??ي بل گيٽس جي آجيان ڪندي پوليو جي خاتمي ۾ پاڪستان حڪومت سان مسلسل تعاو?? ۽ ??صيداري ??ي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳ??له?? تي زور ڏنو ته حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ پوري ??رح پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان اسان جي ٻن سرحدي صوبن ۾ پوليو جي واقعن جو بنيادي ذريعو هجڻ جي ناطي صحت جي هنگامي سميت انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ فو??ي عالمي تعاون جو گهرجائو آهي جڏهن ته پاڪستان 40 ملين افغان عوام جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ ڀرپور مدد ڪري ??هيو آهي. وزيراعظم افعانستان جي سرحدن سان لاڳاپيل ضلعن خاص طور تي خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي پوليو وائرس جي ڦهلاءُ جي خلاف چوڪس ۽ فعال رهڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي بل گيٽس پاڪستان جي دوري ??ي گهرائڻ ۽ گرمجوشي سان مهمان نوازي ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پوليو جي روڪٿام لاءِ اڻٿڪ محنت ڪرڻ تي قيادت، هيلٿ ورڪرز ۽ والدين جي ڪوششن کي ساراهيو. بل گيٽس چيو ته ڪوويڊ 19 جي پابندين جي باوجود پاڪستان حيرت انگيز ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پوليو جا ڦرا پيارڻ جو سلسلو جاري ??کيو. پوليو جي خاتمي بابت نيشنل ٽاسڪ فو??س سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦرا پيارڻ دوران پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ 36 فرنٽ لائين ورڪرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ 14 اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. ان کان اڳ ٽاسڪ فو??س کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ پوليو جي زيرو واقعن جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڏاکڻي ضلعن ۾ ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جو پتو لڳايو ويو آهي. ٽاسڪ فو??س کي ٻڌايو ويو ته قومي سطح تي پوليو جا ڦرا پيارڻ جي مهم ڊسمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع ۾ شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻارن ??ي لاءِ معمول جي حفاظتي ٽيڪن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. خطري وارن ??لائقن ۾ سيڪيورٽي جي فراهمي جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ??ي تعاون سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي موجود آهي. صوبائي حڪومتن اجلاس کي پوليو مهم جي لاءِ مخصوص وسيلن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان کي پوليو فري ??ڻائڻ جي لاءِ مڪمل عزم جو اظهار ڪيو. ٽاسڪ فو??س جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد محمود خان، سنڌ جي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو، بلوچستان جي صحت واري وزير احسان شاهه، عالمي ادارن ??ي نمائند?? ۽ ??ينيئر آفيسرن ??رڪت ڪئي جڏهن ته سڄي پاڪستان مان ڊپٽي ڪمشنرز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم بل گيٽس جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو جنهن ۾ وفاقي وزيرن ??وڪت ترين، اسد عمر، چوڌري فو??د حسين، مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيربختونخواهه جي گورنر، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب، گلگت بلتستان جي وڏن وزير?? ۽ ??زاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم شرڪت ڪئي.