اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪي?? آهي ته موجوده حالتن ۾ ڀارت سان مڪمل سفارتي لاڳاپن جي بحالي ممڪن نه آهي، ان جي لاءِ ڀارت کي حالتون سازگار بڻائڻيون پونديون، ڀارتي سوچ ۽ قدم خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، وزيراعظم عمران خان ايندڙ هفتي چين جو دورو ڪندو، سي پيڪ جي رفتار سست هجڻ جو تاثر درست نه آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس 22 کان 23 مارچ تي ا??لام آباد ۾ ٿيندو. پنهنجي هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته پاڪستان سدائين پرامن گڏيل بقاءُ جي بنياد تي ڀارت سان بهترين لاڳاپا رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي پر نئين دهلي ڪڏهن به مثبت جواب ناهي ڏنو، ترجمان چيو ته 26 جنوري تي سڄي دنيا ۾ ڪشميرين ڀارتي جمهوريت جي ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو، ڀارت 7 ڏهاڪن کان ڪشمير ۾ انسانيت تي ظلم ڪري ۽ عالمي قانونن کي ٽوڙي رهي?? آهي دنيا ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه آهي، هن چيو ته ڀارتي فورسز جا ظلم دنيا جي اکين کان اوجهل نه آهن، ڀارتي سوچ ۽ قدم خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، ترجمان چيو ته ڀارت سان سفارتي لاڳاپن جي مڪمل بحالي جون حالتون نه آهن، ڀارت کي ان حوالي سان حالتون سازگار پيدا ڪرڻيون پونديون، هن چيو ته پاڪستان ڀارت ۾ امن جي تمام گ??ڻي ڪوشش ڪئي، پر بدقسمتي سان ڀارت دوستي ۽ ڳالهين جو مثبت جواب نه ڏنو، ترجمان چيو ته ڀارت کي واگها جي ذريعي افغانستان ۾ ڪڻڪ موڪلڻ جي به اجازت ڏني، پر هن اڃان تائين نه تاريخ جو ٻڌايو نه ئي ٽرڪن جا تفصيل ڏنا، ڀارت ان حوالي سان مڪمل تفصيل فراهم نه ڪري رهي?? آهي، عاصم افتخار چيو ته جعلي معلومات تي ڀارت دنيا ۾ بي نقاب ٿي چڪ?? آهي، ڀارت پاڪستانين جي يوٽيوب چئنلز کي جعلي قرار ڏئي بلاڪ ڪرائي رهي?? آهي ۽ اظهار راءِ تي پابندي لڳائي رهي?? آهي، هن چيو ته ڪشمير پريس ڪلب جي بندش صحافين جي گرفتاري ان جا واضح مثال آهن، ڀارت پاڪستان تي الزام لڳائي منفي پروپگينڊا جي ذريعي ٽارگيٽ ڪند?? آهي، پر هاڻي پاڻ عالمي ا??ارن ڪوڙي پروپيگنڊا تي ان کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، عاصم افتخار چيو ته سي پيڪ جي رفتار سست هجڻ جو تاثر درست نه آهي، ڪورونا ??ي باوجود سي پيڪ تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته سي پيڪ اهم منصوب?? آهي، دوري دوران ان جي اڳڀرائي جو جائزو ٿيندو، ترجمان چيو ته وزيراعظم بيگجنگ سرمائي المپنڪس جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، ان کانسواءِ وزيراعظم اعليٰ چيني قيادت سان ملاقات ڪندو، چين جي دوري دوران ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٿيندي، ترجمان ٻڌايو ته او اءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس 22 ۽ 23 مارچ تي ا??لام آباد ۾ ٿيندو، پرڏيهي وزير جي او آءِ سي سيڪريٽري جنرل سان فون تي ڳالهه ٿي آهي، افغانستان بابت او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ا??لاس ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات ۾ به حوثي باغين جي وڌيڪ حملن جي مذمت ڪري ٿو، ٽي ٽي پي جي حوالي سان معيد يوسف جو بيان غلط رپورٽ ٿيو.