استنبول – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حقيقي ترقي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آهي ۽ ان جا ثمر معاشري جي هيٺين طبقي تائين پهچائڻ اڻ??ر آهن ته جيئن کين معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پائيدار ترقي (ايس ڊي پي آءِ) بابت پاليسي اداري جي اهتمام هيٺ منعقد 24 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي آن لائين خطاب ڪندي ڪيو. ايس ڊي پي آءِ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم چيو ته مسلمانن جي پهرين ري??ست جي??ا صحيح معنيٰ ۾ هڪ فلاحي ري??ست هئي ۽ ان ۾ غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جو خيال رکيو ويندو هو، هن چيو ته اها ري??ست ترقي جو بهترين نمونو پيش ڪندي آهي جنهن دنيا جي هڪ بهترين تهذيب جو بنياد رکيو. هن چيو ته هر اها قوم جي??ا ري??ست مديني جي نموني جي تقليد ڪندي، ان کي عروج حاصل ٿيندو جنهن جو بهترين مثال چين آهي جنهن مختصر عرصي ۾ 70 ڪروڙ ما??هن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. اهو مقصد ڪمزور طبقن تي خرچ ڪرڻ ۽ شموليتي ترقي جي ذريعي حاصل ڪيو ويو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران اس??ن جي حڪومت تي مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جي حوالي سان سخت دٻاءُ هو پر اس??ن سمارٽ لاڪ ڊائون جو رستو اختيار ڪيو ته جيئن ما??هن کي وبا کان بچائڻ سان گڏوگڏ ما??هن کي روزگار ۽ معيشت کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته آئون ايس ڊي پي آءِ جو ٿورائتو آهيان جنهن فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ قائم ڪري حڪومت کي روز مره جي اس??عمال جي شين جي دستيابي تي نظر رکڻ ۾ مدد ڏني.