اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) ايوان ??در جي جامع مسجد مان حسب معمول جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان ??در جي عملدارن ۽ عملي جمعي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي خطبي ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ معاشرتي بهتري لاءِ نجي ۽ اجتماعي زندگي ۾ خوش گفتاري جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪيو ويو ۽ ان ڳال??ه تي زور ڏنو ويو ته ٻين کي به اظهار راءِ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. حضور اڪرم ﷺ جي س??رت ۽ اخلاق کي اختيار ڪري ئي حقيقي زندگي جي منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. دلين ۾ خير هوندي ته معاشري ۾ به خير ئي پکڙجندو، ان طرح سڄي دنيا ۾ انسانن جي رهنمائي ڪندڙ قوم جوڙي سگهجي ٿي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي س??امتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته ??در ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻ??ن جي رهنمائي لاءِ ايوان ??در جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.