اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) ويراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري زمي?? تي قبضا ختم ڪرائي آزاد ڪرايل زمي?? تي ٻيلا لڳايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، ايف بي آر چيئرمين، سرويئر جنرل آف پاڪستان، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرويئر جنرل آف پاڪستان جي اجلاس کي ملڪ ۾ جاري ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري زمين جي 88 سيڪڙو ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي. اڃا تائين مڪمل ميپنگ سان هز??رين ايڪڙ سرڪاري زمي?? تي ناجائز قبضن جي نشان??هي ٿي آهي. انهن قبضن جي ماليت کربين رپيا بڻجي ٿي. ڪيڊسٽرل ميپنگ سان سرڪاري زمين ۽ ملڪيت ڊيجيٽل رڪارڊ جو حصو بڻجي وينديُون. سڀ ??ان وڌيڪ ناجائز قبضا ٻيلن جي زمي?? تي ڪيا ويا آهن. واپڊا، نيشن?? هاءِ وي اٿارٽي، سول ايوي ايشن ۽ ريلوي جي زمين?? تي پڻ ناجائز قبضا قائم ڪيا ويا آهن. اڳئين مرحلي ۾ پرائيويٽ زمين جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل صوبائي حڪومتن جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم سروي آف پاڪستان جي ڪيڊسٽرل ميپنگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته سرڪاري زمي?? تي ناجائز قبضن کي خالي ڪرايو وڃي. صوبائي حڪومتون ناجائز قبضن جي لاءِ قانونسازي جي عمل کي جلد مڪمل ڪن ۽ سمورا صوبا ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڊيٽا جي سروي آف پاڪستان سان ٻن مهينن ۾ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪن. وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي ناجائز قبضن جي خلاف التوا هيٺ ڪيسن جي موثر پيروي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ناجائز قبضن کي ختم ڪري آزاد ڪرايل زمي?? تي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي.