اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ ??فغ??ن فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي خاص معاون محمد شهزاد ارباب، قومي اسيمبلي ميمبرن محمد يعقوب شيخ ۽ محسن داوڙ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گهرو وزارت، واپار، ڪسٽم، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پي آءِ اي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، هوم ڊپارٽمينٽ خيبرپختونخواهه جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ پاڪ ??فغ??ن ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ واپار جي معاملن تي خيان جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ??فغ??نستان پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا مفاد هڪ ٻئي سان ??نڍ??ل آهن، پاڪ ??فغ??ن واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ بارڊر مئنيجمينٽ جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪ ??فغ??ن فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي گذريل ٻن سالن کان پاڪ ??فغ??ن ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ ايندڙ رڪا??ٽن ??ي ختم ڪرڻ ۽ واپار ۾ اضافي جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪ ??فغ??ن فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هر هفتي اجلاس گهرايو ويندو. ??فغ??نستان ۾ پائيدار امن جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ لازمي آهي. ??فغ??نستان ۾ امن ۽ استحڪام سان وچ ايشيائي ملڪن تائين روانگي واپار ۾ اضافي جا موقعا پيدا ٿيندا. پاڪ ??فغ??ن واپار ۾ ايندڙ رڪا??ٽن جو حل ڪڍڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??فغ??نستان هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ملوزم آهن، پاڪ ??فغ??ن واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ رڪا??ٽن ??ي ختم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. پاڪ ??فغ??ن لاڳاپن ۽ واپار جي حوالي سان معاملن تي ايوان ۾ بحث ڪرايو ويندو. اسپيڪر لاڳاپيل عملدارن کي پاڪ ??فغ??ن بارڊرز تي ڪنٽينرز جي اسڪينگ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پاڪ ??فغ??ن بارڊر تي سلو اسڪينگ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ دير جي ڪري واپارين کي واپاري سامان خراب ٿيڻ سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. خيبرپختونخواهه جي هوم ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته ڪميتي جي هدايت تي چيف سيڪريٽري کي پاڪستان ۽ ??فغ??نستان جي وچ ۾ بس سروس جي بحالي لاءِ سمري موڪلي وئي آهي.