اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته خاتم النبيين حضرت ??حمد صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت جي مبارڪ ترين ڏينهن تي پوري مسلم ا??ت کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، اسوه حسنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين مع??شر?? جوڙي سگهون ٿا.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق شيخ رشيد احمد جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نبي آخر الزمان حضرت ??حمد صلي الله عليه وسلم جن جو امتي هئڻ تي انتهائي فخر محسوس ڪيان ٿو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مذهبي، لساني، معاشرتي ۽ معاشي تعصبن کان پاڪ مع??شر?? جو بنياد رکيو.
گهرو وزير چيو ته اسوه حسنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين مع??شر?? جوڙي سگهون ٿا. هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ جي توفيق ۽ همٿ عطا ڪري.