اسلام آ??اد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي مقرر ڪيل مدي ۾ ان جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ ۽ پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولتن جو خاص خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? عمران خان سان غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزير??عظ?? کي نئين ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.
وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولن جو خاص خيال رکيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ماڊل پناهگاهن جي تعمير سان مثال قائم ڪري رهي آهي، ماڊل پناهگاهن جي تعمير سان سرندي وارا ماڻهو ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ان ڪم ۾ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندا. هن چيو ته حڪومت پناهگاهن جي اسٽاف کي عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪري رهي آهي، پناهگاهن سان احسان ون ونڊو سينٽر بابت مستحق ماڻه?? کي سهولتن تائين آسان پهچ ممڪن ٿي سگهندي. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ايڊوائيزري بورڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي آهي، هر پناهگاهه جي لاءِ 4 رڪني انتظامي بورڊ به جلد جوڙيو ويندو، ايندڙ هڪ هفتي ۾ هر پناهگاهه لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم به جاري ڪيو ويندو. 4 پناهگاهن جي لاءِ مخصوص عمارتن جي تعمير جي سلسلي ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، پناهگاهن جي تعمير جو ڪم هڪ سال جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته احساس ون ونڊو سينٽر، مزدورن جي لاءِ ”ڪيش فار ورڪ“ پروگرام ۽ پناهگاه?? کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪمرشل حصي جي تعمير ماڊل پناهگاهن ۾ شامل هوندي، موجوده پناهگاهن ۾ تعميراتي ڍانچي جي مرمت جو ڪم به منصوبي جو حصو آهي، پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ڊجيٽل ڊونيشن مينيجمينٽ سسٽم به هلندڙ سال ج?? آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ بيت المال جو ايم ڊي ملڪ ظهير عباس کوکر به شريڪ هو.