اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ٽيڪنال??جي جي منتقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوا?? جي حو??لي سان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽويوٽا انڊس موٽرز ڪمپني پاڪستان جي وائيس چيئرمين شنجي يناگي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جم??لي سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، توانائي وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا موٽرز هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين جي مقامي پيداوا?? جي لاءِ پاڪستان ۾ 100 ملين ڊال?? جي سيڙپڪاري ڪندي. وزيراعظم ٽويوٽا موٽرز جي فيصلي کي موسمياتي تبديلي ک منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي حو??لي سان هڪ ذڪر جوڳو قدم قرار ڏنو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي عاليم آٽو ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان و?? حصو حاصل ڪن. وزيراعظم گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هو??لي سان ٽويوٽا موٽرز جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٽيڪنال??جي جي منتقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوا?? جي حو??لي سان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي.