اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جو عمل جاري آهي، ق??ض حاصل ڪندڙ نوجوانن جي تعداد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم عمران خان نوجوانن کي بااختيار ۽ باعزت روزگار جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي قرض ورهائڻ جو عمل تيز ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چ??و ته نوجوانن ۾ 22 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم ورها??ي وئي آهي، نجي بئنڪن کي قرض جي ورهاست ۾ ايندڙ رڪاوٽون فوري ختم ڪرڻ جو ٽاس?? ڏنو آهي، حڪومتي سطح تي منصوبي جي شفافيت ۽ ميرٽ جي مڪمل نگراني ڪري رهيا آهيون، هن چ??و ته ڪامياب جوان پروگرام نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جو سب کان وڏو حڪومتي منصوبو بڻجي چڪو آهي، پ??ڪس??اني جاب مارڪيٽ ۾ ڪامياب نوجوان جو اضافو خوش آئنده آهي. نوجوانن کي وسيلن جي هڪجهڙي فراهمي لاءِ حڪومت جي پاليسي واضح آهي. هن چ??و ته وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل تائين نوجوانن جي حڪومتي مدد هر سطح تي جاري رکنداسين، هن چ??و ته پروگرام ۾ غير جانبداري، ميرٽ ۽ شفافيت تي ڪامياب جوان پروگرام جو سربراهه عثمان ڊار مبارڪباد جو مستحق آهي.