اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم حڪومت جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ويزن موجب لاه??ر جي علائقي سگيان ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. لاهور ۾ اهڙا 53 لڳايا پيا وڃن جيڪي لاه??ر جي ??ضا ۾ ڪاربن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي سان لڳايل انهي ٻيلي ۾ مجموعي طور تي هڪ لک 65 هزار ٻوٽا پوکيا پيا وڃن جيڪي عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي وڌيڪ رفتار سان وڌندا آهن. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به پوکيندو. ان ??ان??وءِ وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت به ڪندو.