اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته ڌرتي تي رهندڙ هر انسان کي ماحول دوستي جو فرض ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي پڪار آهي ته انسانيت عالمي اتحاد بڻائي ماحول جو تحفظ ڪري، وڌندڙ عالمي گرمي پد، ٻيلن جي گهٽتائي، گليشيئرز جو پگهرجڻ وڏا خطرا آهن، عمرا?? خان پهريون ماحول دوست ??زيراعظم آهي ۽ عالمگير تحريڪ هلائي رهي?? آهي، وزيراعظم جي ماحول کي ??هت?? بڻائڻ، وڻ لڳائڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو وي?? آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمرا?? خان نوجوانن ۽ دنيا کي احساس ڏياري رهي?? آهي ته ماحول ??هت?? بڻائڻ ڪيترو ضروي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريو?? ڀيرو وڻڪاري ۽ ماحول دوستي کي پاليسي سطح تي ايتري ڌيان ۽ محنت سان فروغ ڏنو پيو وڃي، اهو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان ۾ ماحولياتي شعبي ۾ نمايان نتيجا نظر ايندا، هن چيو ته هن سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو شرف پاڪستان کي ملڻ دراصل پاڪستان جي ماحول دوست ??دمن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي.