زيارت – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قو?? کي خوشخبري ڏيون ٿا ته ملڪ مشڪل وقت مان نڪري رهيو آهي، ماضي جي حڪومتن بلوچستان کي نظرانداز ڪيو، اسان اتحادي حڪومت هجڻ جي باوجود بلوچستان کي نمايان فنڊز ڏنا، 700 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو جڏهن ته هاڻي رستن جو پئڪيج ڏ??ي رهيا آهيون، زيا??ت ۾ ايل اين جي پلانٽ جي لاءِ ايندر مالي سال ۾ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، زيارت سياحت جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو، خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت سياحت کي فروغ ڏنو جنهن سان روزگار ۽ ڪاروبار وڌيو. هو قائداعظم ريزيڊنسي زيا??ت ۾ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.