اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آ??ي ته آدمشماري ??ي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 هفتن ۾ ڪم ??ڪم?? ٿي ويندو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ نئين آدمشماري ??و عمل شروع ٿي ويندو، نئين آدمشماري ??و عمل مارچ 2023ع تائين ??ڪم?? ڪيو ويندو، آدمشماري ??ليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ 2023ع اليڪشن نئين آدمشماري موجب نه ٿي ته ننڍن صوبن جي نمائندگي گهٽ ٿي ويندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آدمشماري ??ي حوالي سان ڪابينا جي ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ۽ ان ان حوالي سان پنهنجون سفارشون به جوڙيون. هن چيو ته آدمشماري ??ليڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ تازي تڪبن??ين جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهي جي بنياد تي اليڪشن ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته 2018ع جي اليڪشن کي خاص آئيني ترميم ذريعي خصوصي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته ضمني چونڊون پراڻي تڪبن??ين ۽ آدمشماري ??ان ٿي سگهن ٿيون پر مقامي حڪومتن جون چونڊون نئين آدمشماري ??ي بنياد تي ئي ٿينديون ۽ ان ۾ عدليه جي به تمام گهڻي دلچسپي آهي. وفاقي وزير چيو ته 2023ع اليڪشن کان اڳ آدمشماري ??ي حتمي فيصلو نه ٿيو ته آئيني ترميم جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب ايندڙ اليڪشن 1998ع جي ئي آدمشماري ??ي بنياد تي ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ ٽنهي ننڍن صوبن جي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽ ٿي ويندي ۽ پنجاب جي نمائندگي وڌي ويندي.