اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعو??ڻ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو هنگامو عوام ۽ جمهوريت جي خدمت جي ابتڙ آهي. اسپيڪر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعو??ڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جا اهم معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايوان جي ڪارروائي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ هنگامه آرائي سان نه جمهوريت جي خدمت آهي نه ئي عوام جي، اجلاس ۾ قانونسازي ۽ قومي اهميت جي اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اسد قيصر چيو ته ايوان جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلندي ته عوامي اهميت ج?? معاملا ۽ قانونسازي بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿي، عوام جون نظرون پنهنجي چونڊيل ن??ائندن ڏانهن آهن، چونڊيل ن??ائندا پارليامينٽ جو موثر انداز ۾ استعمال ڪري عوامي مسئلن جو حل تجويز ڪري سگهن ٿا.