اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن وا??ي وفا??ي وزير اسد عمر چيو آهي ته اسان کي وبا کي به روڪڻو آهي ۽ ماڻهن جو معاشي تحفظ به ڪ??ڻو آهي، ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس جي وبا پکڙي ضرور آهي پر قابو کان ٻاهر ناهي ٿي، حڪومت پاران رڳو ڪجهه هفتن ۾ 80 لک خاندانن ۾ سوا ارب رپيا ورهايا ويا آهن، بجلي جي بل??، پاڪستان جي آبادگارن ۽ صحت جي شعبن سميت ٻيا رليف پئڪيج ان کانسواءِ آهن، ان صورتحال مان سرخرو ٿي اسان تڏهن ئي نڪري سگهنداسين جڏهن اسان اتحاد ۽ يڪجهتي سان گڏجي هلنداسين، چار ئي صوبائي حڪومتون، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وا??رس تي بحث کي سهيڙيندي وفا??ي وزير اسد عمر چيو ته ڪ??هه تقريرن ۾ سٺيون تجويزون آيون. امير حيدر هوتي سٺيون تجويزون ڏنيون ۽ سوال به اٿاريا.