اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي سان ڳنڍيل آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذر??عي عوام کي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار ه?? نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بورڊ آف گورنرز ج?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.