پيرس _ 12 جولاءِ (اي پي پي )عالمي توانائي واري ??يجنسي (آئي اي اي ) چيو آهي ته اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري ۽ ا??تع??ال جي رجحان ۾ اضافي سبب هلندڙ سال جي ٻئين ٽه ماهي ۾ عالمي سطح تي تيل جي طلب ۾ گهٽتائي آئي آهي. هڪ خابرُو اداري مُوجب 3 مهينن دوران تيل جي طلب ۾ ساليانو اوسر واري ??رح 7 لک 10 هزار بيرل روزانو رهي، جيڪو 2022ع جي چوٿين ٽه ماهي بعد تيل جي طلب ۾ سڀ کان گهٽ اضافو هو. تيل پيدا ۽ ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ جي سيڪريٽري ??نرل هيثم الغيث گذريل مهيني عالمي اقتصادي فورم کي خطاب ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو هو ته سڄي دنيا ۾ سف?? ۽ سياحت جي شعبي ۾ بحالي سبب تيل جي طلب ۾ مسلسل اضافو ٿيندو.