اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته ني??يا??ڪ ۾ روز ويلٽ جا مالڪاڻا حقن پي آءِ اي جي ذيل?? ڪمپني وٽ آهن. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران طاهره اورنگزيب جي سوال تي غلام سرور خان ايوان کي ٻڌايو ته روز ويلٽ جا مالڪاڻا حق پي آءِ اي جي ذيل?? ڪمپني وٽ آهن، ڪووڊ جي ڪري مين هيٽن جا 80 سيڪڙو هوٽل ب??د آهن، ان ۾ روز ويلٽ به شامل آهي، جئه پرڪاش جي سوال تي هن چيو ته ٽورنٽو لاءِ اڏامون 5 کان گهٽ ڪري 2 ڪيون ويون آهن، اهو ڪووڊ جي ڪري آهي، پي آءِ اي 2 فلائيٽس ڏئي رهي آهي، جيئن ئي لوڊ ۾ اضافو ٿيندو اڏامن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو.