اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪورونا وائرس سبب 64 فوتگيون ٿيون جنهن مان 37 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄ?? ملڪ ۾ 1 هزار 910 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 64 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 58 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪي??ن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 36 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 821 ٽيسٽ ڪي?? ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 164، پنجاب ۾ 15 هزار 341، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 255، اسلام آباد ۾ 5 هزار 773، بلوچستان ۾ 577، گلگت بلتستان ۾ 319، آزاد ڪشمير ۾ 392 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 94 هزار 578 ٿي چڪ?? آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 299 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪي??ز جو انگ 33 هزار 925 آهي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 39 هزار 387 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 931، بلوچستان ۾ 18 هزار 788، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 906، اسلام آباد ۾ 41 هزار 76، خيبرپختونخواهه ۾ 66 هزار 198، پنجاب ۾ 1 لک 55 هزار 808 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 43 هزار 983 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 11 هزار 514 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 957 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران 27 مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 661 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران 14 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 1 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 870 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران 13 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 472 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران 3 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 193 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 259 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 78 لک 4 هزار 935 ٽيسٽ ڪي?? ويا آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 628 مريض علاج هيٺ آهن.