اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي 2020ع جي دوران ڪورونا جي صورتحال جي باوجود گڏيل اجلاسن سميت 123 ڏينهن ڪم ڪيو ۽ ان دوران 58 سرڪاري بل ۽ 14 آرڊيننس پيش ڪيا جڏهن ته 31 سرڪاري بل منظور ٿيا، قومي اسيمبلي سيڪ??يٽ??يٽ موجب پهرين جنوري 2020ع کان 31 ڊسمبر 2020ع تائين قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صرف موثر قانونسازي ۽ پارليامينٽ جي نگراني ئي ملڪ کي درپيش سڀني معاشي ۽ سماجي مسئ??ن کي حل ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته دنيا ۾ ڪووڊ – 19 جي وبائي مرض جي ڪري سامهون اي??دڙ سنگين چئلينجن جي باوجود 2020ع ۾ قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي، هن چيو ته موجوده حڪومت پارليامينٽ جي بالادستي تي يقيني رکي ٿي ۽ عوامي نمائنده هجڻ جي حيثيت سان پارليامينٽ جا ميمبر موثر قانونسازي ??ي ذريعي عوام کي درپيش مسئ??ن کي حل ڪري سگهن ٿا، اسپيڪر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي ??وام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. اسيمبلي سيڪ??يٽ??يٽ موجب 2020ع جي سال ۾ ڪووڊ – 19 وبائي مرض سڄي دنيا ۾ زندگي جي معام??ن کي بري طرح متاثر ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، ڪووڊ -19 جي ڪري درپيش چئلينجن جي باوجود قومي اسيمبلي ثابت قدمي سان قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي ??يٺل رهي ۽ ملڪ ۾ معاشرتي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي، اي??ان قومي اهميت جي معاملن ۽ التوا وارين رٿن جي ذريعي بحث ۽ ميمبرن پاران پڇيل سوالن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي معاملن تي ڌيان ڏنو، سال 2020ع دوران اي??ان جي قانونسازي ??ي شعبي ۾ اي??ان جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي.