پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اي پي ايس پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي ان افسوسناڪ واقعي جي ڪري ??ل اڄ به ڏکويل آهي، ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهرين کي مفت عل??ج جي سهولت ڏيڻ انتهائي اهم قدم آهي، پوئتي پيل گهراڻن ۾ بيماري جي ڪري ??ڄو خاندان غربت ۾ هليو ويندو آهي، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد سهولتن کي بهتر بڻائڻ آ??ي، سرڪاري اسپتالن جو معيار به اهڙو هجڻ گهرجي ته هو نجي اسپتالن جو مقابلو ڪري ??گهن، حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه آهن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد نجڪاري نه پر ماڻهن کي عل??ج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ آ??ي، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور انسٽيٽيٽوٽ آف ڪارڊيالوجي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.