اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪستاني ملڪ ۾ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ آساني ٿيندي، وڏن منصوبن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي شموليت يقيني بڻائينداسين، تعميرات جي شعبي جي فروغ سان ٻين صنعتن کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين جي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، ڪاروبار ۾ آساني سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، ان سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻين مقصدن لاءِ رقم مو??لڻ ۾ آساني ٿيندي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪستاني مهمند ۽ ڀاشا ڊيمن، ايم ايل ون سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.