اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم عاشور 10 محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ مسلمان جگر گوشه بتول ر??ه، نواسه خاتم ال??بي??ن صلعي الله عليه وعلي آله و اصحٰبه وسلم، امامِ عالي مقام حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي شهادتِ عظميٰ جي بي مثال ۽ لازوال قرباني جي ياد کي تازو ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ يوم عاشور مختلف لحاذن کان وڏي اهميت رکندڙ آهي تنهن هوندي به تاريخ اسلام ۾ ان ڏينهن کي هڪ ڌار تڪريم ۽ بلندي ۽ خاص اهميت ۽ انفراديت امام عالي مقام جي شهادت ۽ ڪر??لا واقعه جي ڪري حاصل ٿي آهي، هن چيو ته ڪر??لا جو اهو عظيم معرڪو جيڪو حق ۽ باطل ۾ ٿيو اهو اسان کي اها ڳالهه سمجهائي ٿو ته اسلام ??ي اعليٰ قدرن جي فروغ ۽ اصولن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪرڻ ئي وڏي ڪاميابي آهي، وزيراعظم چيو ته جذبه شبيري مسلمانن ??ي ايمان ۽ يقين، سچائي ۽ اصول پسندي جي روايتن ??ي جلا بخشي ٿو، اهو اسلام ??ي ابدي پيغام ۽ جذبه قرباني جي لازوال ۽ روح پرور روايت جي آبياري جو سرچشمو به آهي جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ مشڪل سان ملي ٿو.