اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي بجيٽ اجلاسن جي دوران ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو وڃي، ان وبا جو جامع طريقي سان مقابلو ڪر?? سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس جي دوري جي موقعي تي ڪيو، پارليامينٽ هائوس آمد تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صدر جو اس??قب??ل ڪيو، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر حسين صدر کي بجيٽ اجلاس ??اب?? انتظامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.