اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪ??روبار کي آسان بڻائڻ جي پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪر?? رهي آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن آن لائن اي تجارت ڪ??ائيندڙ گروپ ”دراز“ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر بجارڪ مائيڪلسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ”دراز“ جي چيف ايگزيڪيٽو مائيڪلسن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ اي تجارت جا بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان ملازمت جا موقعا به ??يدا ٿيندا ۽ ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ به ??دد ملندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪ??روبار کي آسان بڻائڻ جي پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪر?? رهي آهي. ”دراز“ جي سي اي او پاڪستان ۾ اي تجارت جي توسيع ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سينيٽر عون عباس بپي ”دراز“ جي ايم ڊي احسان سايا ۽ عماد خان به ??لاقات ۾ موجود هئا.