اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته محسن پاڪستان جي لاڏاڻي تي ڏک آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن انالله واناليه راجعون لکندي چيو ته آئون ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي 1982ع کان ذاتي طور تي سڃاڻان ٿو. هن قوم جي تحفظ لاءِ ائٽمي هٿيار ٺاهڻ ۾ اسان جي بي مثال مدد ڪئي. صدر چيو ته ??طو?? احسان مند قوم اسان ان حوالي سان سندس خدمتن کي وساري نه ٿا سگهو??. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي دعا ڪئي ته الله تعال??ٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي.