اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کا??پو??ِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪورونا وائرس سبب 70 فوتگيو?? ٿيون جنهن مان 30 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جو?? ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 239 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 66 سيڪڙو، لاهور ۾ 38 سيڪڙو، ملتان 58 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 46 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪ??يجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 79، ملتان ۾ 59 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 51 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 70 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 982 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 15 هزار 534، پنجاب ۾ 20 هزار 345، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 65، اسلام آباد ۾ 4 هزار 363، بلوچستان ۾ 667، گلگت بلتستان ۾ ڪو به ٽيسٽ ناهي ڪيو ويو، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 8 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 10 لک 2 هزار 430 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 472 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 89 هزار 673 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 11 لک 16 هزار 886 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 30 هزار 314، بلوچستان ۾ 31 هزار 755، گلگت بلتستان ۾ 9 هزار 526، اسلام آباد ۾ 95 هزار 491، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 55 هزار 153، پنجاب ۾ 3 لک 77 هزار 208 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 17 هزار 439 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 24 هزار 783 ٿي چڪو آهي،