ڪراچي – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ کان گهٽ ٿي ويو آهي پر معيشت جي ترقي سان ان تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اسان کي روانگي واپار وڌائڻ، مني لانڊرنگ روڪڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني بئنڪنگ چئنل ذريعي پنهنجي رقم موڪلين، اسان ??اڻ تي ڀاڙڻ جي رستي تي گامزن ٿي ويا آهيون، شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم لڳڻ سان جهاز ر??ني جي صنعت ترقي ڪندي ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي شپ يارڊ ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، زبيده جلال، علي زيدي به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، پاڪستان 50 سال اڳ ترقي جي جنهن سفر تي گامزن هو بدقسمتي سان ان کانپوءِ جي سالن ۾ اها برقرار نه رکي سگهيو ۽ اسان پنهنجي پيرن تي بيهڻ، ??اڻ تي ڀاڙڻ ۽ اڳتي وڌڻ بدران ٻين تي ڀاڙڻ شروع ڪري ڇڏيو، اسان پنهنجي قوت کي نه سڃاتو ۽ سهارا ڳولي ورتا. وزيراعظم چيو ته جيڪي قومون مزاحمت ??ه ٿيون ڪن اهي ڪڏهن ب?? پنهنجي پيرن تي ??ه ٿيون ب??هي سگهن، مديني جي رياست جي اصولن تي جيڪا به قوم هلندي اها ترقي ۽ ڪاميابي م??ڻيندي، نبي ڪريم ﷺ جي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. ??اڻ ﷺ غير ملڪي سربراهن کي خط لکيا ته انهن کان مدد نه گهري پر کين الله جو پيغام پهچايو ۽ خوددار قوم ٺاهي انساني تاريخ جي ڌارا بدلائي ڇڏي. ??اڻ ﷺ جي جوڙيل قوم دنيا جي امامت ڪئي، وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته اسان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪراچي شپ يارڊ ۾ سامونڊي جهازن جي م??مت جي نظام جي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ملڪ جو پئسو بچندو، جيڪو ڪم اسان کي اڳ ۾ ٻين ملڪن مان ڪرائڻو پوندو هو هاڻي اهو هتي ٿيندو. ان سان نه رڳو قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پر اسان ٻين ملڪن کي به اها سهولت فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي م??يشت بهتري طرف گامزن ٿي چڪي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ کان گهٽ ٿي ويو آهي، هاڻي چئلينج اهو آهي ته جيئن جيئن معيشت بهتر ٿيندي ڪرنٽ اڪائونٽ تي دٻاءُ وڌندو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان منصوبي سان پاڪستان ڊالر ڪمائيندو، هن چيو ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن ٻاهرين ملڪ پاڪستانين تي زور ڏنو ته پنهنجو مٽاسٽا جو ناڻو بئڪنگ چئنل ذريعي موڪلين، هن چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ رهندڙ ماڻهو پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪليندا هئا اسان کي ان سلسلي کي روڪڻو آهي ۽ ??اڻ ڀاڙڻ تي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ اسان ان رستي تي گامزن ٿي چڪا آهيون.