اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع تحت ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. اها ڳالهه هن ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئي??ن آف پاڪستان جي وفد سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ڪيبل آپريٽرز جي لاءِ سبسڪرپشن ماڊل شروع ڪيو ويندو، ان ??اڊل سان ڪيبل آپريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. هن وقت اسان جي گهرن ۾ اينالاگ ڪيبل ??چي رهي آهي جنهن جي ڪوالٽي نه هجڻ جي برابر آهي جڏهن ته ان ۾ چينلز جو انگ به گهٽ آهي. ڪيبل کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ کانپوءِ چينلز جي ريٽنگ ۾ پڻ شفافيت سان گڏوگڏ چينلز جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. سبسڪرپشن ماڊل جي فراهمي سان ڪيبل آپريٽرز کي مقامي ۽ عالمي مواد خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان ??روگرام تحت قرض ڏنا ويندا جنهن سان انهن کي ڊيجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ سهولت ملندي ۽ اها رقم اهي صارفين کان ??صول ڪري پنهنجي قرض جي رقم واپس ڪري سگهندا. ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن جا مسئلا غور سان ??ڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئي??ن آف پاڪستان جي وفد ۾ ايسوسيئيشن جو چيئرمين عرفان علي کوسو، صدر راجا اسد علي خان، جنرل سيڪريٽري غفران ??جتبيٰ، سيڪريٽري اطلاعات ملڪ معظم سلطان، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن سنڌ جو صدر محمد اسماعيل جتوئي، ڊويزنل صدر خيرپور ذوالفقار جوڻيجو، ڏکڻ پنجاب جو صدر الياس وڙائچ، حافظ آباد مان ??لڪ محمد وزير اعواڻ، حسن ابدال مان راجا عامر، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن خيبرپختونخواهه جو صدر فرقان آفريدي، ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن ڪر??چي جو خزانچي سعيد شاهه، سکر مان عبدالمقيم کوسو، سکر مان ??ويد ابڙو ۽ اسلام آباد مان زاهد ڀٽي شامل هئا.