اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي ترڪي ۾ منعقد انطاليه سفارتي فورم جي موقعي تي اقتصادي سهڪار تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل هادي سليمان پور سان غير رسمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستا?? جي متحرڪ ڪردار، اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ??ولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جو باني ميمبر هجڻ جي حيثيت سان علائقائي اتحاد ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پر عزم آهي، پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جي فريم ورڪ جي روشني ۾ ميمبر ملڪن سان گڏيل واپار، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مصالحاڻيون ڪوششون ڪتب آڻي رهيو آهي.