اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن برطانيه جي ??زيراعظم بورس جانسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل رابطن، افغان امن عمل، ڪووڊ 19 وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جي ??وضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان 5 جون تي ماحوليات جي عا??مي ڏينهن جي ??وقعي تي بورس جانسن جي شاندار وڊيو پيغام تي سندس ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيه جي ??چ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ مضبوط حصيداري ترقي ڪندي، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي ??ٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم عمران خان برطانيه ۾ ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ بورس جانسن جي ڪوششن جي ??اکاڻ ڪئي، هن پاڪستان پاران ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ انساني زندگي?? کي بچائڻ سان گڏوگڏ روزگار ۽ معيشت جي تحفظ جا قدم شامل هئا، هن بورس جانس?? کي چيو ته هو پاڪستا?? کي ان وبا جي ڪري ملڪن تي سفري پابندين جي ريڊ لسٽ تي وجهڻ جي ??يصلي تي نظرثاني ڪري، افغانستان جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان جي ??يادت ۾ انهن جي ??نهنجي امن ۽ مفاهمت جي عمل جي حمايت ڪري ٿو،