اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪٽورل ??يفارمز وقت جي اهم ضرورت آهي، ??هڙيون چونڊون منعقد ڪرائڻ چاهيون ٿا جن تي ڪير آڱر نه کڻي سگهي، ??ليڪٽرانڪ ووٽنگ شفاف ۽ غيرجانبداراڻي چونڊون منعقد ڪرڻ جي ضامن هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي، لاهور هاءِ ڪورٽ ??ار راولپنڊي بئنچ، پنجاب بار ڪائونسل ۽ هاءِ ڪورٽ ??ار ملتان بئنچ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.