ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل (پي سي ايف آر) جي وفد هتي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران وفد ڊاڪٽر عارف علوي کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح پي سي ايف آر ڪراچي ۾ ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سفارتي معاملن ۾ حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت سفارتڪاري ۽ پرڏيهي پ??ليسي جي شعبن ۾ تحقيقي ڪمن لاءِ پرڏيهي آفيس جي ذريعي ملڪ ۾ يونيورسٽين سان رابطا ڪيا آهن، ??در وفد کي خاطري ڪرائي ته پرڏيهي وزارت جي ذريعي پ??ڏيهي آفيس ۽ پي سي ايف آر جي وچ ۾ رابطن کي به مضبوط بڻايو ويندو. غير ملڪي سفارتڪارن سان بهتر لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ پي سي ايف آر جي ڪردار جو اعتراف ڪندي ??در چيو ته صارفين جي تعداد ۾ اضافي جي لاءِ آفيس کولي پ??ڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل جو دائرو وسيع ڪرڻ جو مشورو به ڏنو. سفارتخاني جي سطح تي غير ملڪي سفيرن ?? معزز شخصيتن سان ڳالهين سان بهتر رابطا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جو مثبت تش??ص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي