اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سنگل ونڊو ??يڪٽ 2021ع ۽ س??ني?? سيڪريٽريٽ سروسز (ترميمي) ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان سنگل ونڊو ??يڪٽ تحت قومي ۽ عالمي واپار ۾ آساني لاءِ خودمختيار ادارو قائم ڪيو ويندو. روانگي واپار، آمدني واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت سموريون سهولتون هڪ ئي نظام ۾ ميسر هونديون، اداري جي قي??م سان ڪاروباري خرچن ۾ گهٽتائي ٿيندي. سرحد پار واپار آسان بڻائڻ ۽ سامان جي تيز ترين پهچ ۾ مدد ملندي. اداري جي قي??م سان ڊيٽا جي وقت سر پراسيسنگ ۽ معياري خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، اداره گورننگ ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ تي ??ڌل هوندو، س??ني?? سروسز ايڪٽ تحت س??ني?? سيڪريٽريٽ جي گريڊ 17 ۾ مقرري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ٿيندي، گريڊ هڪ کان 16 جي مقرري جو مجاز س??ني?? سيڪريٽريٽ هوندو، ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسر س??ني?? سيڪريٽريٽ ۾ ضم نه ٿي سگهندا.