اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر ??شاهد الله خان جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. سينيٽ ۾ سينيٽر ??شاهد الله خان جي لاڏاڻي تي سينيٽ جي تعزيتي سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ساٿي جي لاڏاڻي تي سڀني کي ڏک آهي، هي ايوان هڪ خاندان وانگر آهي ۽ خاص طور تي اهڙو ميمبر جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ ايوان جي ڪارروائي ۾ پنهنجي ش??ڪت ريعي متحرڪ ۽ فعال رهيو هجي ته ان جي کوٽ تمام گهڻي محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته کيس خراج ع??يدت پيش ڪ??ڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو، کيس شعر ۽ شاعري سان وڏو لڳاءُ هو. هن چيو ته موت برحق آهي. شبلي فراز چيو ته زندگي ۾ اسان جيڪي سٺا ڪم ڪريون ٿا ۽ جيڪو اسان جو اخلاق آهي، اهو ئي اسان جي سڃاڻپ آهي.