وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چورن جو ٽولو جيترو مرضي بليڪ ميل ڪري کين ??ين آر او نه ملندو، ملڪ تي جيڪڏهن چورن ۽ ڦورئن جي حڪمراني هجي ته اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، ڏکڻ وزيرستان ۾ پنج هزار ڪينال تي نالج سٽي ۽ سمورن رهواسين کي هيلٿ انشورنس جي سهولت ڏئي رهيا آهيون، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز جي زمين جي نشاندهي چڱن مڙسن جي مشاورت سان ڪئي ويندي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي خصوصي هدايت ڪئي آهي ته اڳوڻي قبائلي علائقن جي فنڊز ۾ ڪابه ڪٽوتي نه ڪري، اڳوڻي فاٽا، ڏکڻ بلوچست??ن سميت پوئتي پيل علائقن جي ترقي اسان جي ترجيح آهي. ڏکڻ وزيرستان جي علائقي م??لاخ??ن سراءِ ۾ چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مديني جي رياست جو بنياد قانون جي بالادستي ۽ انصاف جو نظام هو، اڄ به مديني جي رياست جا اصول رول ماڊل آهن، هن چيو ته ڇا مديني جي رياس?? هڪدم وجود ۾ اچي وئي هئي، مديني جي رياست ۾ غريب طبقي کي م??ي آندو ويو ۽ ف??اح?? رياست جو بنياد وڌو ويو هو، اڄ به جديد دنيا جا اصول مديني جي رياست جي ماڊل تي قائم آهن، اسان به ملڪ ۾ اسلامي ف??اح?? رياست جي قيام لاءِ ڪوشان آهيون،