اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چي?? آهي ته غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو ??ڪ سال مڪمل ٿي وي?? آهي، ان ڏينهن کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهايو پيو وڃي، ڪشمير جا ماڻهو غاصباڻي فوجي طاقت مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا، عالمي برادري ڀارت تي زو?? ڏي ته هو ڪشمير مان نڪري وڃي. هن چيو ته سينيٽ جو اجلاس طلب ڪيو وي?? آهي. اجلاس ۾ هڪ رٿ پيش ڪندس، اجلاس ۾ ڪشمير کانسواءِ ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، سينيٽ اجلاس جي ٽي نقاطي ايجنڊا آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي، ڀارت ڪشمير مان نڪري وڃي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي ??ناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ اسان جي آخري منزل ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي، ان ڏس ۾ اسلام آباد جي ڪشمير هاءِ وي جو ??الو تبديل ڪري سري نگر هاءِ وي رکيو وي?? آهي.