اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ چين ??قت??ادي لنگهه (سي پيڪ) اٿارٽي جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته مال بردار سامونڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ ک??ي گوادر پهچي ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن لکيو ته گوادر پورٽ تي ??قت??ادي سرگرميون زور شور سان جاري آهن. مال بردار سامونڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ ک??ي گوادر پهچي ويو آهي. سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڊي اي پي ڀاڻ 550 ??رڪن ذريعي چمن رستي افغانستان موڪلي?? ويندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو ڪارگو جي پيڪنگ مقامي سطح تي ڪئي وئي آهي. سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته سي پيڪ تحت منصوبا روزگار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏئي رهيا آهن.