اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ صوبن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، حفاظتي قدمن جي ڪري ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي ٿو، عوام جو تعاون حڪومتي ڪوششن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ گهڻو اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال، ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي ڪاٿي ۽ صورتح??ل کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف ??وبن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ موجود بيڊز، آڪسيجن، وينٽي ليٽرز ۽ سهو??تن جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ اضافي لاءِ کنيل قدمن جو به جائزو ورتو ويو.