اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي واري خ??ص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي صوبن سان مشاورت کانپوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سيلف ڪورنٽين پاليسي لاڳو ڪئي پئي وڃي، اها پاليسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هڪ هفتي ۾ ٻاهرئين ملڪن ۾ ڦاٿل 14 هزار تائين پاڪستاني?? کي واپس آڻي سگهبو، ايندڙ هفتي نار ملڪن، آمريڪا، ملائيشيا، بنگلاديش، عراق ۽ چين مان 32 اڏامن ذريعي 7500 پاڪستاني?? کي واپس آندو ويندو. هو ٻاهرئين ملڪن مان پاڪستاني?? کي واپس آڻڻ جي حوالي سان تازي صورتحال بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.